49

“يومِ تڪبير جي مک تقريب: ڪنڌڪوٽ ۾ پاڪستان جي ايٽمي طاقت جو فخر سان جشن، پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا گونجي اٿيا”

سڄي ملڪ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ به يوم تڪبير پاڪستان افوج کي ڀيٽا پيش ڪري جوش جذبي سان ملهايو ويو
يوم تڪبير جي مک تقريب ضلعي ڪائونسل وائس چيئرمين الطاف خان کوسو، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان ، میر راشد خان سندراڻي جي اڳوڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس ڪنڌڪوٽ ۾ ٿي تقريب ۾ موجود ماڻهن پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو پاڪ فوج زنده آباد پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا. تقريب سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر، وائس چيئرمين ۽ ٻين چيو ته ”يومِ تڪبير“ پاڪستان ۾ هر سال 28 مئي تي ملهايو ويندو آهي، جيڪو 1998ع ۾ پاڪستان جي ڪامياب ايٽمي تجربن جو يادگار آهي. ان ڏينهن پاڪستانُ ايٽمي ڌماڪا ڪري، دنيا جو ستون ۽ مسلم دنيا جو پهريون ايٽمي طاقت وارو ملڪ بڻيو. اهي تجربا پاڪستان جي خودمختياري، سلامتي، ۽ علائقائي طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ اهم ۽ ضروري قدم هو. پاڪستان پنهنجي مخالف ملڪن کي پيغام ڏنو ته ملڪ جو دفاعي نظام ايٽم بم بعد مضبوط ھٿن ۾ اچي ويو آهي اسان کي پنهنجي پاڪ فوج تي فخر آھي جنهن ملڪ جي دفاع لاءِ سدائين دليراڻو ڪردار ادا ڪري ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي تقريب ۾ ، ضلعي ڪائونسل ميمبر محمد خان کوسو، ڊي ايڇ او سيد اعجاز شاھ، ارشاد احمد بکراڻي، سيد اصغر علي شاهه، سميت ٻين صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو