54

پراڻي دشمني تڪرار تان فائرنگ سبب پشاور ۾ 3 ڄڻا، ڊيره غازي خان ۾ پوليس ڪانسٽيبل سميت 2 ڀائر قتل

 پشاور جي ٿاڻي تهڪال جي حد ۾ گاڏي تي فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته ڊيره غازي خان ۾ فائرنگ سبب 2 سڳا ڀائر مارجي ويا، پوليس ٻنهي واقعن کي پراڻي دشمني تڪرار قرار ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب پشاور جي تهڪال ٿاڻي جي حد ۾ گاڏي تي فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته جوابدار فائرنگ کان پوءِ فرار ٿي ويا، پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب مقتولن جي پراڻي دشمني واقعي جو سبب قرار ڏني پئي وڃي، لاشن کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي واقعي واري هنڌان گولين جا خالي خول ۽ ٻيون شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن. ٻئي پاسي ڊيره غازي خان ۾ شاهه صدرالدين جي علائقي ۾ پراڻي دشمني تي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس ڪانسٽيبل سميت 2 سڳا ڀائر مارجي ويا، پوليس موجب ڪانسٽيبل ياسين ۽ انهي جو ڀاءُ عظمت دعوت ۾ شرڪت کان پوءِ گهر واپس وڃي رهيا هئا ته نامعلوم جوابدارن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڀائر ٿڏي تي مارجي ويا. پوليس موجب جوابدار فائرنگ کان پوءِ واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويا جڏهن ته لاش اسپتال منتقل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو