پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر جي پٽ جنيد صفدر جو هڪ دفعو ٻيهر رشتو طئي ٿي ويو آهي. ذريعن موجب جنيد صفدر جو رشتو اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ويجهن مائتن ۾ طئي ٿيو آهي، جنيد جو جنهن فيملي ۾ رشتو طئي ٿيو آهي اها لاهور جي رهائش پذير آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جنيد صفدر جي رشتي جي ڳالهه تقريبن هڪ مهينو اڳ شروع ٿي هئي. ياد رهي ته انهي کان اڳ 2021 ۾ جنيد صفدر جي عائشه سيف سان شادي ٿي هئي پر انهي کان پوءِ آڪٽوبر 2023 ۾ جنيد گهر واري کان ڌار ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي. برطانيه مان تعليم مڪمل ڪندڙ جنيد صفدر هن وقت لاهور ۾ ترسيل آهي.
