شهدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، زراعت کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر قتل ٿي ويو. موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن مزدور شادي حال ڀرسان فائرنگ ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر عاشق چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر عاشق چانڊيو جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو.
