59

فيض گنج: قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جون ورديون پائي ڦرلٽ ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار

آرمي جو ميجر سڏائي گاڏين کان پيسا وٺندڙ سخص  ھڪ جعلي سپاھي سميت شھرين پڪڙي ورتو، جعلي ميجر ۽ سندس گڏ سپاھي سڏائيندڙ پوليس ھٿان گرفتار ڪري ورتو. پڪاچانگ ڀرسان مھراڻ نيشنل ھاء وي تي گاڏين کان پيسا وٺندڙ پاڪ فوج جي وردي پائي ميجر سڏائيندڙ شخص پوليس ھٿان گرفتار ڪيو. مھراڻ ھاءِ وي تي گورچاڻي پمپ تي ڪار ۾ ويٺل شخص ھڪ ٻي وردي پاتل شخص جي معرفت لوڊر گاڏين کان ڏهه ڏهه ھزار وٺي رھيو ھيو. شھرين جي گڏ ٿيڻ تي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي کيس شھرين پڪڙي ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو. فيض گنج پوليس پهچي کيس ٿاڻي تي وٺي آئي جتي سندس سڄاڻپ ڪوٽڏجي تعلقي جي مختيار مستوئي طور ٿي جڏھن گڏ ٻي وردي واري شخص جي سڃاڻپ معظم خواجه طور ٿي آھي. گرفتار جعلي فوجي آفيسر وٽان ھڪ بنا نمبر پليٽ ويگنار گاڏي، 2 پسٽل، آرمي جا جعلي 2 ڪارڊ ۽ آرمي اسٽڪ مختلف آرمي ڪيپس ھٿ ڪيون آھن. پوليس موجب پڪڙيل شخص لڳاتار غلط بياني ڪندو رھيو ۽ غلط انفارميشن ڏيندو رھيو، آرمي اييجنسين کي اطلاع ڪيو آھي جنھن کي انھن جي حوالي ڪيو ويندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو