اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي حملي واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي عبداللطيف، اڳوڻي ايم پي اي وزير زادا ڪيلاشي سميت 11 ڄڻن کي سزا ٻڌائي ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا طرفان ٻڌايل فيصلي موجب، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن نوَ مئي تي رمنا ٿاڻي تي حملو ڪيو، جتي فائرنگ، پٿراءُ، ۽ پوليس اهلڪارن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. عدالت، عبداللطيف، وزير زادا سميت 11 جوابدارن کي مجموعي طور 15 سال 4 مهينا قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالتي فيصلي موجب، جوابدارن موٽرسائيڪلن کي باهيون ڏنيون ۽ سندن خلاف 24 شاهدن بيان رڪارڊ ڪرايا، جڏهن ته مجسٽريٽن آڏو سڃاڻپ پريڊ به ڪرائي وئي. فيصلي کانپوءِ پوليس، عدالت ۾ موجود 4 جوابدارن محمد اڪرم، ميرا خان، شاهزيب ۽ سهيل خان کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته غير حاضر جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا. جج طاهر عباس چيو ته جيڪڏهن اسلام آباد جي ٿاڻن تي حملو ٿيندو ته ملڪ ۾ ڪا به جاءِ رهڻ جوڳي نه رهندي.
