60

پاڪستان ڀارت کي ڪنهن به صورت ۾ ريڊ لائن عبور ڪرڻ نه ڏيندو: وزيراعظم

 وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کي خبردار ڪندي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي حصي جي پاڻي تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪندو. دوشنبي ۾ عالمي گليشيئر تحفظ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ 13 هزار گليشيئر آهن، جيڪي ملڪ لاءِ انتهائي اهميت رکن ٿا، ڇو ته ملڪ جو اڌ کان وڌيڪ پاڻي انهن گليشيئرن مان حاصل ٿئي ٿو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ پاڪستان جا گليشيئر تيزيءَ سان پگهري رهيا آهن، زهريلي گيسن جي خارج ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي پوءِ به پاڪستان انهن 10 ملڪن مان آهي جيڪي موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته 2022ع ۾ موسمياتي تبديلي سبب ملڪ کي بدترين برساتن ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن سبب ايڪو سسٽم سخت متاثر ٿيو. سندس چوڻ هو ته يافته ملڪن کي گهرجي ته موسمياتي تبديلي جي خلاف جدوجهد ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائن ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ”ارلي وارننگ سسٽم“ لاءِ سيڙپڪاري وڌائن. ڀارتي آبي جارحيت بابت ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ وارو فيصلو مذمت جوڳو آهي، پاڪستان پنهنجي حصي جي پاڻيءَ تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو