45

پاڪ ايئرفورس ڀارت جا پنج جهاز ڪِيرايا، بي جي پي اڳواڻ جو اعتراف

 بي جي پي جي سينئر اڳواڻ سبرامنيئن سوامي پاڪستان طرفان ڀارتي فضائيه جا 5 جهاز تباهه ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو ۽ چيو ته مودي جي هوندي جهازن ڪِرڻ واري معاملي جي جاچ ممڪن ناهي. هڪ انٽرويو دوران سبرامنيئن سوامي تسليم ڪيو ته پاڪ-ڀارت جنگ دوران پاڪستاني فضائيه ڀارتي هوائي فوج جا 5 جهاز تباهه ڪيا. هن ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته ” چيني جهاز بهترين هئا، جڏهن ته فرانسيسي جهاز ايترا سٺا نه هئا ۽ مودي جي حڪومت جي هوندي جهازن جي ڪِرڻ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ممڪن ناهي. دفاعي ماهرن موجب، بي جي پي اڳواڻ سبرامنيئن سوامي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ گهرو وزير امت شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو به ڪري چڪو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪ ايئر فورس ڀارتي فضائيه کي هوا ۾ شڪست ڏئي مودي جي جنگي حڪمت عملي کي ناڪام بڻايو، جنهن سبب ڀارت جنگي ميدان تي ڪمزور ٿيو، جڏهن ته پاڪستان جي طاقت ۾ نمايان واڌارو آيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو