موسميات کاتي چوماسي جي پهرئين اسپيل ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ سنڌ، پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخوا جي ميداني ۽ جابلو علائقن ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي 2025 جي چوماسي سيزن لاءِ موسمي آئوٽ لُڪ جاري ڪري ڇڏيو ، جنهن موجب ملڪ جي وچولي ۽ ڏاکڻي حصن ۾ معمولي يا معمولي کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجبم چوماسي جي پهرئين اسپيل دوران طوفاني برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ، پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخوا جي ميداني ۽ جابلو علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب جي اتر-اوڀر وارن علائقن ۽ ڪشمير ۾ وڌيڪ برساتون ٿينديون، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي اترين علائقن ۽ گلگت بلتستان ۾ معمولي يا معمولي کان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي، تيز برساتن سبب وڏن دريائن ۾ ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ وڌندڙ گرميءَ سبب برف پگهرڻ جي رفتار وڌي سگھي ٿي، جنهن سبب دريائن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿي سگهي ٿي، پر وڌيڪ برساتن سبب آبپاشي ۽ توانائي جي شعبن لاءِ ڪافي پاڻي ملندو. برساتون پاڻي جي ذخيرن ۽ زميني پاڻي جي بحالي ۾ به مدد ڏينديون. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اتر پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي، تنهنڪري صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ايمرجنسي آپريشن سينٽرز کي فعال رکڻ، ريسڪيو ۽ امدادي ٽيمون مقرر ڪرڻ ۽ مقامي انتظاميا سان گڏجي اڳواٽ جوڳا قدم کنيا وڃن، جڏهن ته شهرين کي برساتن دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان کان کانسواءِ جولاءِ کان سيپٽمبر تائين ملڪ ۾ سراسري گرمي معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، خاص ڪري ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا ۾گرمي وڌي سگهي ٿي.
