48

بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري، ڪراچي جي رهواسين جو صبر جواب ڏئي ڇڏيو، احتجاجي مظاهرو، هاءِ وي بند

ڪراچي جي علائقي قائدآباد ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو احتجاج 14 ڪلاڪن کان جاري آهي، جنهن سبب نيشنل هاءِ وي تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي. احتجاج سبب قومي شاهراهه تي قائدآباد کان ملير بالٽ تائين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، جڏهن ته ڳريون گاڏيون به روڊ تي ڦاٿل آهن. ڌرڻي ۽ روڊ جي بندش سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. خاص طور تي قرباني جي عيد لاءِ جانور خريد ڪري واپس ويندڙ شهري به ٽريفڪ ۾ ڦاسي ويا آهن. ذريعن موجب مظاهرين ۽ پوليس آفيسرن جي وچ ۾ ڳالهين جون ڪيتريون ئي ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن، شهرين جي ڪاوڙ برقرار آهي. مظاهرين جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي جنهن جي خلاف آواز اٿارڻ انهن جو حق آهي، بجلي جي مڪمل بحالي تائين احتجاج ختم نه ڪيو ويندو. ٻئي طرف ٽريفڪ پوليس متبادل رستو اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي پر نيشنل هاءِ وي تي ٽريفڪ جي روانگي بحال نه ٿي سگهي، صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪارن کي علائقي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو