جيڪب آباد ۾ پارڪنگ جي فيس تان جهيڙو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، ٻه زخمي جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي قائم ٿيل پارڪنگ ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿي پيو نتيجي ۾ پارڪنگ سنڀاليندڙ الطاف سومرو ڪوئيٽا واسي زبير مغل مارجي ويا وقاص مغل ۽ واٽهڙو نبيل شاهه زخمي ٿي پيا آهن. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان هڪ زخمي وقاص کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اهڙي اطلاع تي سول اسپتال ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا آهن جنھن سبب زخمين جي علاج ۾ ڏکيائي پيش اچي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته ڪوئيٽا جي مغل ۽ جيڪب آباد جي سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪار جي فيس جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 2 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن
