پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمن کي ايمنسٽي ڏيڻ تي غور ڪرڻو پوندو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ غيرقانوي هائوسنگ سوسائٽيز کي ريگولرائيز ڪرڻ جي ميڪانزم تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ هائوسنگ سوسائٽين جو ٽوٽل انگ 7905 آهي، پنجاب ۾ 2687 هائوسنگ اسڪيمون منظور ٿيل، 5118 غيرقانوني يا انڊر پراسيس آهن. ايل ڊي اي جي اهتمام هيٺ 707 مان 427 منظور ٿيل ۽ 206 غيرقانوني آهن. اجلاس ۾ غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمن جي ريگولرائزيشن لاءِ اعليٰ سطح جي ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق ٿيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هائوسنگ سوسائٽي ۾ مينجمينٽ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو. هائوسنگ سوسائٽي جي منظوري، مينجمينٽ ۽ ٽرانسفر آن لائن ٿي سگهندي. ڊاڪيو مينٽس اپ لوڊ ڪرڻ کان پوءِ اين او سي فيسون به آن لائن ادا ڪيون وينديون. اجلاس ۾ هائوسنگ سوسائتي جي رجسٽريشن جي لاءِ غير ضروري اين او سي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
