48

ڀارت ۾ اسلاموفوبيا جا وڌندڙ واقعا ڳڻتي جوڳا آهن، دنيا نوٽيس وٺي: پاڪستان

 پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڀارت ۾ اسلاموفوبيا جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اهڙن واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي کي گهري نظر سان ڏسي رهيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت ۾ مسلمانن کي نشانو بنائڻ، چڙ ڏياريندڙ تقريرون، امتيازي پاليسين ۽ رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ ڪارروايون نه صرف انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون آهن پر اهي علاقائي استحڪام جي لاءِ به خطرو آهن. هن چيو ته پاڪستان ڀارت ۾ وڌندڙ اسلاموفوبڪ رجحان تي ڳڻتي رکي ٿو ۽ ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته اهو سمورن شهرين جي مذهبي آزادي، تحفظ ۽ مساوي حقن کي يقيني بنائي پوءِ ڀلي انهن جو تعلق ڪنهن به مذهب سان هجي. پرڏيهي وزارت زور ڏنو آهي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا کي صبر، مفاهمت ۽ عالمي مذهبي هم آهنگي جي سخت ضرورت آهي، مذهبي منفافقت کي سياسي يا نظرياتي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان عالمي برادري کان به مطالبو ڪيو آهي ته اهي ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف وڌندڙ انتهاپسندي جو نوٽيس وٺي ۽ اقليتن جي تحفظ لاءِ فوري قدم يقيني بنائي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو