45

گمبٽ: سيشن جج جي اسڪواڊ تي هٿياربندن جو حملو، پوليس اهلڪار شهيد، 2 زخمي

  گمبٽ ڀرسان ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد لاڙڪاڻو ـ خيرپور روڊ تي سيشن جج مسڪان احمد  جي اسڪواڊ تي هٿياربندن جو حملو، ھڪ پوليس اھلڪار مقبول شيخ شھيد جڏهن ته 2 اھلڪار اقبال ملاڻو ۽ صغير احمد گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا. سمورا اھلڪار لاڙڪاڻي جا ٻڌايا پيا وڃن. رپورٽ موجب سيشن جج لاڙڪاڻو جي گاڏي کي سيڪورٽي ڏيندڙ پوليس موبائيل تي هٿياربندن جي فائرنگ جي  نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد، جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.  فائرنگ جو واقعو ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي. پوليس موجب سيشن جج لاڙڪاڻو سکر کان لاڙڪاڻي طرف وڃي رھيو ھيو تہ سندس اسڪواڊ مٿان اڻڄاتل هٿياربندن اوچتو فائرنگ ڪري ڇڏي، فائرنگ دوران سيشن جج محفوظ رهيو، هڪ اهلڪار مقبول شيخ شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن پوليس موجب هٿياربند فرار ٿي ويا آهن جن جو خيرپور ۽ لاڙڪاڻو پوليس پيرو کڻي رهي آهي.  ڊي آء جي سکھر ۽ ايس ايس پي جي نگراني م پوليس جو ٽنڊومستي ۽ ڀرپاسي جي علائقن م آپريشن جاري آھي ذريعن موجب آپريشن دوران 25 کان وڌيڪ شڪي ماڻھن کي پوليس گرفتار ڪيو آھي جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي  آپريشن دوران ڏوھاري قسم جي ماڻھن جي ٺڪاڻن کي باھيون ڏئي مسمار ڪيو پيو وڃي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو