اسرائيلي فوج ڏکڻ غزه جي شهر رفع ۾ هڪ آمريڪي حمايت يافته امدادي مرڪز تي بمباري شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 31 فلسطيني شهيد ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. اهو واقعو اهڙي وقت ۾ پيش آيو آهي جڏهن غزه کي دنيا جي سڀني کان وڌيڪ بکيو علائقو قرار ڏنو پيو وڃي. غزه جي صحت واري وزارت موجب آڪٽوبر 2023 کان جاري جنگ ۾ هينئر تائين 54 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 1 لک 24 هزار زخمي ٿي چڪا آهن جڏهن ته غزه حڪومت موجب شاهدن جو انگ 61.700 کان مٿي ٿي چڪو آهي. انهي افسوسناڪ واقعي ۾ اسرائيلي حملي ۾ زخمي ٿيل ڊاڪٽر حمدي النجار زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. انهي حملي ۾ ان جا 9 ٻار به شهيد ٿيا هئا، صرف 11 ورهين جو هڪڙو پٽ زنده بچيو آهي. غزه حڪومت موجب امدادي مرڪز کي نشانو بنائڻ اصل ۾ انهي کي موت جي ڄار ۾ تبديل ڪرڻ آهي جنهن جو مقصد شهرين کي ڄاڻي واري حملي جو نشانو بنائڻ آهي. انهي ۾ آمريڪا کي به ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي جيڪو انهي مرڪز کي مالي ۽ سياسي مدد فراهم ڪندو آهي. هوڏانهن سعودي پرڏيهي وزير اردن پهچي ويو آهي ته جيئن عرب پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ غزه تي اسرائيلي حملن جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻي سگهجن. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو تي نه صرف اندرون ملڪ پر جرمني، فرانس ۽ برطانيه جهڙن ويجهن اتحادين طرفان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
