ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته ميداني علائقن ۾ سخت گرم رهڻ جو امڪان آهي، خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته ميداني علائقن ۾ سخت گرم رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آحي. ڪراچي ۾ اڄ به گرمي جي شدت برقرار آهي، محسوس ٿيندڙ گرمي پد 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. موسميات کاتي ايندڙ ٽن ڏينهن تائين گرمي جي شدت برقرار رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، اهڙي طرح سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به گرمي جي شدت مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي. بلوچستان ۾ سبي، نصيرآباد سميت ٻين هنڌن تي سخت گرمي جو سلسلو جاري آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مري، گليات، جهلم، سيالڪوٽ، نارووال، چڪوال ۽ ڀرپاسي ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، اهڙي طرح آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، آزاد ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي اختيارين موجب خيبرپختونخواهه جي هزارا ڊويزن ۾ ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد ۽ هري پور سميت ڀرپاسي ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.
