سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ امريڪا (سانا) جي ايڊوڪيسي ۽ رائٽس ڪميٽي پاران شهيد الله بخش سومرو جي جدوجهد، فڪر ۽ قربانين تي هڪ آن لائين سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ نامياري محققن، تاريخدانن، اديبن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي چيئرمين ذوالفقار خواجه سيمينار جي ميزباني ڪندي مھمانن محقق خادم حسين سومري ۽ پروفيسر آزاد قاضي جو تعرف ڪرايو، ان موقعي تي سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽي چيو ته، “اسان هڪ نان وائلينٽ قوم آهيون، سنڌ تاريخي طور ٻہ ڏکيا دور ڏٺا ھڪ تہ بمبئي سان جُڙيل رهي ۽ ٻي پوءِ ون يونٽ جهڙي سازش آئي، شھيد اللہ بخش سومري مذھبي متڀيڌ جو مخالف ھو نوجوان عمر ۾ شهيد ٿيل الله بخش سومرو اسان جي قومي سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي اڄ اسان پنھنجي عالمن کان اھي تاريخي حقيقتون ٻڌڻ لاءِ سانا جي پليٽ فارم تي گڏ ٿيا آھيون. مک اسپيڪرخادم حسين سومرو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته الله بخش سومري ننڍي عمر ۾ وڏا تاريخي نقش ڇڏيا. رڳو 26 سالن جي عمر ۾ هو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر بڻيو ۽ سنڌ جو آواز بڻجي اڀريو. هو پاڻي کي ‘لڪيوڊ دولت’ قرار ڏيندڙ پهريون اڳواڻ هو. سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ واري جدوجهد ۾ سندس ڪردار بي مثال رهيو سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ واري جدوجهد ۾ سندس ڪردار بي مثال رهيو، 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي، ۽ اهو نان ڪميونل رول جي سوچ جي فتح هئي. شهيدله بخش سيڪنڊ ورلڊ وار کي نئين عالمي نظام جي شڪل ڏيڻ واري موقعو سمجهندو هو. هو برصغير ۾ ڪنفيڊريشن جو حامي هو، ۽ ملٽي نيشنل، ملٽي ڪلچرل خطي لاءِ ون نيشن يا ٽو نيشن ٿيوري کي غير مناسب سمجهندو هو پروفيسر آزاد قاضي شهيد الله بخش سومرو جي سياسي سوچ تي روشني وجهندي چيو “سندس جدوجهد شروعاتي طور تي پريڪٽيڪل ۽ بعد ۾ آئيڊيلسٽ بڻجي وئي. هن سائين جي. ايم. سيد کي خبردار ڪيو ھو ته ٽو نيشن تحريڪ سنڌ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿي. 1940ع ۾ دهلي ۾ آزاد ڪانفرنس ڪوٺائڻ کانپوءِ واپسي تي ريل تي ٿيل حملو سندس خلاف پهريون انتهاپسند حملو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هن جي جان بچي وئي، .” پروفيسر صاحب اهو پڻ ياد ڏياريو ته شهيد الله بخش مذہبي جنونيت جو سخت مخالف، روشن خيال، ۽ انسان دوست اڳواڻ هو. جڏهن 1940ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي ته هن پنهنجي آباد زمين قربان ڪري شڪارپور شھر کي بچايو، ھو وطن دوست، انسان دوست ليڊر ھو سانا جي جنرل سيڪريٽري اسد شيخ خطاب ڪندي چيو تہ شھيد الله بخش سومري جون سنڌ لاءِ ڏنل قربانيون تاريخي اهميت رکن ٿيون، ۽ اسان سڀني تي لازم آهي ته سندس فڪر کي نئين نسل تائين منتقل ڪيون، ھن مھمانن جو شڪريو ادا ڪيو جن اسان کي سنڌ جي تاريخ جي ھن اھم باب کان واقف ڪيو، جنھن کان پوءِ شرڪاءٌ کان شھيد اللہ بخش سومري متعلق اھم سوال جواب پڇيا ويا جن تمام تندھي سان انھن جا جواب ڏنا آخر ۾ سانا ايڊيوڪيسي ۽ رائٽس ڪميٽي جي چيئرمين ذوالفقار خواجہ پروگرام جي شرڪاءُ، سانا جي انفارميشن سيڪريٽري حبيب ميمڻ ۽ سانا ميڊيا ڪميٽي جا ٿورا مڃيا ۽ اعلان ڪيو تہ 22 جون تي ڪميٽي طرفان سڏڪا ڀريندڙ سنڌوءَ جي ڇوڙ جو نوحو تي اھم سيمينار منعقد ڪيو ويندو.
