66

لاهور: بي آءِ ايس پي تحت 98 لک مستحق گهراڻن کي مالي سهائتا فراهم ٿي رهي آهي – سينيٽر روبينه خالد

لاهور :چئيرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته بي آءِ ايس پي هڪ مڪمل غير سياسي ۽ غير مذهبي قومي سماجي تحفظ پروگرام آهي، جيڪو هن وقت ملڪ جي 98 لک غريب ۽ مستحق گهراڻن کي مالي امداد فراهم ڪري رهيو آهي. لاهور ۾ سينٽرل زونل آفيس جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بي آءِ ايس پي نه رڳو پاڪستان جي غريب عورتن کي سڃاڻپ ڏني، پر ٻارن جي پيدائش جي رجسٽريشن ۾ به واڌارو آندو، جنهن لاءِ “بي فارم” جي شرط اهم ڪردار ادا ڪيو. سينيٽر روبينه خالد ٻڌايو ته بلوچستان ۾ “نَشو و نُما” ۽ “تعليمي وظيفن” واري پروگرام ۾ وڌيڪ گهرن کي شامل ڪرڻ لاءِ پي ايم ٽي جي حد 32 کان وڌائي 60 ڪئي وئي آهي، ته جيئن وڌيڪ مستحق خاندان فائدو وٺي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ماهر هُنرمندن جي وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکندي “بينظير هُنرمند پروگرام” جو آغاز ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد مستحق عورتن ۽ انهن جي خاندانن کي فني تربيت ڏئي، کين خودڪفيل بڻائڻ آهي. چئيرپرسن موجب، نئين بينڪنگ ماڊل تحت ڇهن بينڪن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن ۽ اسٽيٽ بينڪ جي تعاون سان مستحق عورتن جا بينڪ اڪائونٽ کولڻ جو پائلٽ مرحلو جلد شروع ڪيو ويندو، جتي بائيو ميٽرڪ تصديق کان پوءِ امداد جي شفاف ادائيگي کي يقيني بڻايو ويندو. هن واضح ڪيو ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي خاص هدايت تي امداد باعزت، شفاف ۽ موثر طريقي سان مستحق عورتن تائين پهچائي پئي وڃي، جڏهن ته ڪٽوتي بابت شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ پڻ مؤثر نظام موجود آهي. چئيرپرسن روبينه خالد وڌيڪ ٻڌايو ته بي آءِ ايس پي جي سڃاڻپ عالمي سطح تي قائم ٿي چڪي آهي، ڪيترن ئي آفريقي ۽ مغربي ملڪن طرفان پروگرام جو مطالعي لاءِ دورو ڪيو ويو آهي ۽ قومي سماجي ۽ معاشي رجسٽري جي ڊيٽا بيس کي به ساراهيو ويو آهي. هن واضح ڪيو ته بي آءِ ايس پي جو سروي مڪمل طور مفت آهي، ان لاءِ نه ڪا فيس آهي ۽ نه ئي ڪو فارم، ۽ ادارو پنهنجا پيغام صرف 8171 تان موڪلي ٿو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پنجاب بي آءِ ايس پي ناصر خليلي پڻ ساڻس گڏ هئا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو