قومن جي عروج جو راز تعليم ۽ شعور ۾ لڪل هوندو آهي، خاص طور تي جڏهن نياڻيون تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌن ٿيون ته اهو فقط سندن فردي ڪاميابي نه پر سموري سماج جي ترقيءَ جو اهم اشارو هوندو آهي. تازو ڊاڪٽر قادر مگسي جي نياڻيءَ جي گريجوئيشن جي خوشيءَ ۾ سوشل ميڊيا تي مبارڪبادن سان گڏ ڪجهه غير ضروري ۽ افسوسناڪ تنقيد پڻ ڏسڻ ۾ آئي. ڪنهن به فرد سان سياسي اختلاف رکڻ هر شهري جو جمهوري حق آهي، پر انهن اختلافن جي بنياد تي سندس گهر جي عورتن، خاص ڪري پڙهيل لکيل نياڻيءَ تي ذاتي حملو ڪرڻ، سراسر غير اخلاقي، غير انساني ۽ افسوسناڪ عمل آهي. اڄ جي دور ۾، جتي تعليمي موقعا خاص ڪري اسڪالرشپس ذريعي وڌي ويا آهن، اتي هر نوجوان – ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري – محنت سان پاڻ لاءِ روشن مستقبل جو رستو هموار ڪري سگهي ٿو. اسان کي گهرجي ته ٻين جي ڪاميابيءَ تي تنقيد ڪرڻ بدران پاڻ محنت ڪري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريون. سڀ کان اهم ڳالهه ته نياڻين کي تعليم ڏيارڻ نه رڳو سندن بنيادي حق آهي، پر اها قوم جي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي. نياڻيون جڏهن پڙهنديون، ته هو شعور، سوچ ۽ ترقيءَ جو روشن مينار بڻجنديون. تنقيد ڪرڻ بدران، اسان کي گهرجي ته اهڙن ڪامياب نوجوانن، خاص ڪري نياڻين جي حوصلا افزائي ڪريون، ته جيئن سماج ۾ مثبت سوچ، برابري ۽ ترقيءَ جا دروازا کلي سگهن. ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سندن فيملي کي سندن نياڻيءَ جي تعليم مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪجن ٿيون. الله ڪري هر گهر جي نياڻي ايتري سگهه، همت ۽ شعور حاصل ڪري ته هو بہ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن. نياڻيون قوم جو فخر آهن – اچو ته انهن جو ساٿ ڏيون، سندن واٽ نه روڪيون!
