61

پاڪستان ۽ افغانستان گڏيل اعتماد وڌائڻ لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو افغان هم منصب امير خان سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ بنهي اڳواڻن طرفان گڏيل اعتمادي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ٻه ڏينهن اڳ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار افغانستان ۾ پنهنجي سفارتخاني کي سفير جي سطح تي اپ گريڊ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن جي جواب ۾ افغانستان به گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ مقرر پنهنجي ناظم الامور کي سفير جي سطح تائين وڌائي ڇڏيو. هن ٻڌايو ته افغان پرڏيهي وزير پاڪستان طرفان سفارتي لاڳاپن کي سفير جي سطح تائين وڌائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته اهو قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد ۽ تعاون جي هڪ نئين باب جي نشاندهي ڪري ٿو، اهو ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ انتهائي مثبت اڳڀرائي آهي. پرڏيهي وزارت موجب امير خان متقي اسحاق ڊار کي ٻڌايو ته افغانستان به اهڙي نوعيت جو قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن انهي اڳڀرائي کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن لاءِ مثبت ۽ خوشي جوڳو قرار ڏنو. ترجمان موجب ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن 19 اپريل جي ملاقات ۾ طئي ٿيل فيصلن تي عمل ڪرڻ جو جائزو ورتو ۽ گڏيل اعتماد کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. انهي کان علاوه ٽيليفونڪ رابطي ۾ علائقائي رابطي جي لاءِ ازبڪستان، افغانستان پاڪستان ريلوي منصوبي جي اهميت تي زور ڏنو ويو ۽ ازبڪستان افغانستان پاڪستان ريلوي منصوبي جي جلد جوڙجڪ جي لاءِ فريم ورڪ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو