پريالوءِ رپورٽ پريالوءِ ڀرسان امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، جتي وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم چورن صحافي نياز سولنگي جي ڀاءُ ماجد علي سولنگي جي دڪان جا تالا ٽوڙي، ڏينهن ڏٺي جو موبائيل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. متاثر دڪاندار موجب، چور دڪان جا تالا ٽوڙي موبائل فون روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا، جڏهن ته پوليس واقعي جي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڄاڻ به نه ورتي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ پوليس گشت جو نه هجڻ ۽ بدامنيءَ جي وڌندڙ لهر سبب عام شهري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن. هوڏانهن متاثر ڌر پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري، کين قانون آڏو آندو وڃي ۽ متاثر کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. جڏهن ته علائقي واسين به اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته بدامني تي ڪنٽرول آڻڻ لاءِ پوليس کي پابند ڪيو وڃي ۽ گشت کي وڌايو وڃي.
