51

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات، اهم حڪم جاري ڪري ڇڏيا

 پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صوبائي اسيمبلي ميمبرن محمد احمد خان لغاري ۽ نعيم اختر خان بهابه سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هلندڙ فلاحي منصوبن، عوامي مسئلن جي حل ۽ تڪ جي ترقياتي معاملن تي تفصيلي طور تي ڳالهيون ڪيون ويون. اسيمبلي ميمبرن صوبي ۾ جاري ترقياتي ۽ فلاڻي منصوبن جي تعريف ڪئي. مريم نواز چيو ته گڏجي پنجاب کي هڪ ماڊل صوبو ٺاهڻو آهي. عوام جي خدمت ئي اسان جو مشن آهي. نوجوانن جي تعليم ۽ مالي خودمختاري منهنجي ترجيحات ۾ پهرين نمبر تي آهي. هن چيو ته ترقي جا ثمر صوبي جي هر حصي تائين پهچائڻ چاهيون ٿا. نعيم اختر خان بهابه ملتان وهاڙي روڊ جي تعمير ۽ توسيع پراجيڪٽ شروع ڪرڻ تي وزيراعليٰ مريم نوازشريف جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعليٰ مريم نوازشريف نعيم بهابه جي درخواست تي وهاڙي گرلز ڪاليج ۾ ڪلاسون شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مريم نواز صوبائي وزير تعليم رانا سڪندر حيات کي موڪلن کان پوءِ وهاڙي گرلز ڪاليج ۾ ڪلاسز شروع ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي. مريم نوازشريف ايم پي اي محمد احمد لغاري جي درخواست تي ڪوٽ ادو ۾ واٽر اسڪيم پراجيڪٽ آڻڻ جا حڪم جاري ڪيا. اسيمبلي ميمبرن چيو ته وزيراعليٰ مريم نواز ٿوري وقت ۾ شفاف گورننس ۽ انقلابي قدمن جي ذريعي عوام جا دل کٽي ورتا آهن. هاري ڪارڊ، راشن ڪارڊ، همت ڪارڊ، ايجوڪيشن ڪارڊ سڀني کي ترقي ۾ هڪ جهڙي شرڪت جي لاءِ بهترين قدم آهن. اسيمبلي ميمبرن چيو ته وزيراعليٰ مريم نوازشريف هوشيار اسڪالر شپ، ليپ ٽاپ اسڪيم ۽ اي بائڪس پراجيڪٽس تي شاگردن جا دل کٽي ورتا آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو