81

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني وفد نيويارڪ پهچي ويو

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جو اعليٰ سطحي وفد گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر نيويارڪ پهچي ويو آهي، عالمي اڳواڻن، سفارتڪارن ۽ شاگردن سان اهم ملاقاتون شيڊول آهن. ذريعن موجب وفد جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪونسل جي پنج مستقل ۽ 9 غير مستقل ميمبرن سان ملاقاتون طئي ٿي چڪيون آهن. وفد تازو پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ بابت پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪندو. انهي کان علاوه بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ رهندڙ شاگردن جي نمائنده وفد سان به ملاقات ڪندو ۽ انهن کي عالمي سفارتڪاري، پاڪستان جي موقف ۽ گڏيل قومن ۾ ڪردار کان آگاهه ڪندو. وفد مختلف شعبن  سان جڙيل پاڪستانين، صحافين ۽ ماهرن سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. اهو دورو پاڪستان جي عالمي سطح تي موثر سفارتي موجودگي جي اظهار جو اهم موقعو قرار ڏنو پيو وڃي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو