48

ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ نيو ڪليئر تڪرار جو خطرو موجود آهي: جنرل شمشاد مرزا

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل شمشاد مرزا چيو آهي ته ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ نيو ڪليئر تڪرار جو خطرو موجود آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو اصل مسئلو ڪشمير آهي جنهن جو حل ضروري آهي. پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي حوالي سان چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي 22هين شنگريلا ڊائيلاگ 2025 ۾ تفصيلي موقف پيش ڪيو. جنرل شمشاد مرزا ڀارت طرفان پاڻي کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ تي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي چيو ته ايشيا پيسفڪ عالمي طاقت جو مرڪز بڻجي چڪو ۽ ڏکڻ ايشيا جي سلامتي لاءِ ڳالهيون ضروري آهن، تڪرار کان بچاءُ بحران کان پوءِ جي ڪوششن کان بهتر آهي. جنرل شمشاد مرزا چيو ته پاڪستان ڀارت سان باعزت، برابري ۽ احترام تي ٻڌل مستقل امن جو خواهشمند آهي، ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي بنياد آهي. چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي ٻطرفي علاقائي ۽ عالمي سطح تي موجود مڪالماتي فريم ورڪ کي فعال ۽ موثر بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان اصولن تي ٻڌل اهڙو عالمي نظام چاهي ٿو جيڪو خودمختاري ۽ ضبط، وتحمل تي قائم هجي. جنرل شمشاد مرزا چيو ته پهلگام کان پوءِ پاڪ ڀارت جنگ جي صورتحال خطي جي ترقي کي خطري ۾ وجهي رهي آهي، بحران کي منهن ڏيڻ جو موثر نظام نه هجڻ سبب عالمي طاقتون وقت تي مداخلت کان قاصر آهن، پاڪستان جي پاڻي کي روڪڻ يا موڙڻ جي ڪوشش قومي سلامتي ڪميٽي موجب جنگي قدم تصور ڪيو ويندو. شنگريلا ڊائيلاگ ۾ بريفنگ ڏيندي جنرل شمشاد مرزا چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي ڪندي عام شهرين ۽ عبادتگاهن کي نشانو بنايو. پاڪستان مسلسل ڀارت ۽ عالمي برادري کان باضابطه ڳالهين جي نظام جي بحالي جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر برابري، اعتماد ۽ حساسيت جي پاسداري کان سواءِ ڪوبه بحران موثر طور تي حل نٿو ٿي سگهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو