66

بجيت ۾ پيٽرول سميت هر قسم جي روڪ خريداري تي اضافي پئسا وٺڻ جي تجويز

وفاقي سرڪار سالياني بجيٽ ۾ پيٽرول سميت هر قسم جي روڪ خريداري تي اضافي پئسا وٺڻ جي تجويز سامهون اچي وئي آهي. ايف بي آر ذريعن موجب بجيٽ 26-2025 ۾ روڪ خريداري جي حوصله شڪني تي ٻڌل تجويزون فنانس بل جو حصو بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پيٽرول پمپ تان روڪ تيل خريد ڪرڻ تي 3 روپين تائين اضافي وصولي جي تجويز غور هيٺ آهي انهي سان پيٽرول پمپ تي ٽيڪس چوري ۽ ملاوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پيٽرول پمپس تي روڪ سان گڏ ڊجيٽل ادائيگي جا قدم به کنيا ويندا. ڪيو آر ڪوڊز، ڊيبٽ، ڪريڊٽ ڪارڊز ۽ موبائيل تان ادائيگي جا قدم به کنيا ويندا. ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته مينو فيڪچرز ۽ درآمد ڪندڙ روڪ وڪرو تي اضافي 2 سيڪڙو ٽيڪس وٺي سگهندا. انهي تجويز کي قابل عمل بنائڻ جي لاءِ ڪارپوريٽ سيڪٽر سان گڏ ڪيترائي اجلاس به ٿي چڪا آهن. دڪانن تي روڪ خريداري به اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي جڏهن ته ريسٽورنٽس تي اڳ ئي ڪارڊ ذريعي ادائيگي تي ٽيڪس جي ڇوٽ برقرار آهي. ذريعن موجب بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي جي لاءِ ٽيڪس جي شرح جي مد ۾ وڌيڪ رليف نه ملي سگهندو. پگهاردار طبقي جي لاءِ رليف معمولي نوعيت جو هوندو. ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته خريدار وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪرڻ کان پوءِ روڪ ادائيگي ڪرڻ ۾ آزاد هوندا. درآمد ڪندڙ ۽ مينو فيڪچرز کي پنهنجي سپلائرز  ۽ خريدارن کي ڊجيٽل ادائيگين تي معياري 18 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس وصول ڪرڻو پوندو. ادائيگيون به سادي ڪيو آر ڪوڊز ۽ ٻئي ڊجيٽل حل جي ذريعي دستياب هونديون. ذريعن ٻڌايو آهي ته يونٽ مئنيجر، جيولرز، شادي هالز، ڊاڪٽر ۽ وڪيلن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو