46

ترقياتي بجيٽ جي رقم هلندڙ سال جي مقابلي ۾ 100 ارب روپيه گهٽ آهي: احسن اقبال

منصوبه بندي واري کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ترقياتي  بجيٽ جي رقم هلندڙ سال جي مقابلي ۾ 100 ارب روپيه گهٽ آهي. وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ساليانو پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي لاءِ جي ڊي پي گروٿ 4.2 سيڪڙو رکڻ، زرعي شعبي جي گروٿ جو حدف 4.5 سيڪڙو رکڻ، لائيو اسٽاڪ جي گروٿ جو حدف 4.2 سيڪڙو ۽ صنعتي شعبي جي گروٿ جو حدف 4.3 سيڪڙو رکڻ جي تجويز سامهون آئي. انهي موقعي تي احسن اقبال چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ترقياتي بجيٽ جي لاءِ 1000 ارب روپيه مختص هوندا. بلوچستان کي 250 ارب روپيه ڏنا ويندا. ترقياتي بجيٽ جي رقم هلندڙ سال جي مقابلي ۾ 100 ارب روپيه گهٽ آهي. احسن اقبال چيو ته قومي نوعيت جي حامل ۽ پاڻي جي منصوبن کي ترجيح ڏني ويندي. ڀارت جي ڌمڪين کان پوءِ ديامرڀاشا ڊيم جي جلد تعمير لازمي ٿي وئي آهي. قراقرم هاءِ وي فيز ٽو جي لاءِ فنڊز رکيا ويندا. اين 25 ڪراچي ڪوئٽه، چمن شاهراهه جي تعمير ڪئي ويندي. حيدرآباد سکر موٽر وي به ترجيحات ۾ شامل آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو