پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 52 سيالڪوٽ جي ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عوام خدمت ڪندڙن جي سڃاڻپ ڪري چڪو آهي. پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 52 سيالڪوٽ جي ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ(ن) ميدان ماري ورتو آهي. پي پي 52 سيالڪوٽ جي ضمني چونڊن ۾ سمورين 185 پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن (ن) ليگ جي حنا ارشد وڙائچ 78419 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته پي پي 52 ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي تي حنا ارشد وڙائچ کي مبارڪباد هجي، شڪر الحمدالله رب پاڪ شاندار فتح عطا فرمائي. ڪوشش ڪنداسين ته وڌيڪ محنت ۽ جذبي سان پنجاب جي عوام جي خدمت ڪريون. مريم نواز وڌيڪ چيو ته سمبڙيال جي عوام جنهن ڀروسي جو مظاهرو ڪيو انهن تي پورو لهنداسين مسلم ليگ(ن) جي ڪاميابي عوام جو حڪومت جي پاليسين تي ڀروسي جو اظهار آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته عوام خدمت ڪندڙن ۽ فتنو فساد پکيڙيندڙن جي سڃاڻپ ڪري چڪو آهي، نوازشريف جي اڳواڻي ۾ ترقي جو سفر تيزي سان جاري آهي، ڪوشش ڪندس ته وڌيڪ محنت ۽ جذبي سان پنجاب جي عوام جي خدمت ڪريان.
