لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام ڀٽو ڀرسان ونواهه کان ٿي واپس ڳوٺ ايندڙ ڄاڃين جي ڪار مٿان نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب پيرسن عورت بدرالنساءَ ڀٽو تڏي تي قتل ٿي وئي جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب نوجوان اقرار احمد ڀٽو ۽ سندس سئوٽ جي گهر واري صفيه زال سهيل ڀٽو سخت زخمي ٿي پيا. اهڙي اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي لاش ۽ زخمين کي کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان مقتولا پيرسن عورت جي پٽ عابد حسين ڀٽو ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي ڀائيٽي عبدالصمد ڀٽو جي شادي جي سلسلي ۾ ونواهه جي تقريب هئي جنهن ڪري اسان ڄڃ وٺي بنگل ديرو وياسين جتان واپسي تي ڳوٺ ڀرسان پهتاسين ته 5 نامعلوم هٿياربندن اسان جي ڪار مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب منهنجي پيرسن امڙ بدرالنساءَ تڏي تي قتل ٿي وئي جڏهن ته ڀائيٽو اقرار ۽ سندس جي سئوٽ جي گهر واري صفيه ڀٽو سخت زخمي ٿي پيا آهن. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
