66

ڀارتي جارحيت تي پاڪستان جو موقف پيش ڪرڻ لاءِ طارق فاطمي جي اڳواڻي ۾ ٻيو وفد اڄ ماسڪو روانو ٿيندو

پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جي حوالي سان پاڪستان جو موقف عالمي برادري جي سامهون پيش ڪرڻ جي لاءِ ٻيو وفد اڄ وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي جي اڳواڻي ۾ ماسڪو روانو ٿيندو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جي حوالي سان پاڪستان جو موقف عالمي برادري جي سامهون پيش ڪرڻ جي لاءِ 2 سرڪاري وفد دنيا جي اهم راڄڌانين جا دورا ڪندا. وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي جي اڳواڻي ۾ ٻيو وفد اڄ ماسڪو روانو ٿيندو. جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پهريون وفد اڳ ئي آمريڪا ۾ موجود آهي. پرڏيهي وزارت موجب 2 اڳوڻا پرڏيهي وزير، 2 اڳوڻا پرڏيهي سيڪريٽري آمريڪا ۾ پاڪستان جي 2 اڳوڻن سفيرن ۽ موجوده وفاقي وزيرن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد گذريل ڏينهن نيويارڪ پهتو آهي جتي هو گڏيل قومن ۾ مشاورت ڪندو. اهو وفد بعد ۾ واشنگٽن  ڊي سي، لنڊن ۽ برسلز به ويندو. وفد ۾ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي وفاقي وزير حنا رباني کر ۽ خرم دستگير، سينيٽر شيري رحمان، مصدق ملڪ، فيصل سبزواري، بشريٰ انجم بٽ ۽ اڳوڻا سفير جليل عباس جيلاني ۽ تهمينه جنجوعه شامل آهن. اهو وفد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، جنرل اسيمبلي جي صدر ۽ سلامتي ڪونسل جي 5 مستقل ميمبر ملڪن جي سفيرن سان ملاقات ڪندو. انهي کان علاوه اهو گروپ اسلامي تعاون تنظيم جي سفيرن جي گڏيل اجلاس کي به خطاب ڪندو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اهو وفد 3 جون تي پنهنجي سرگرمين جي شروعات ڪندو. انهي دوران انهن جون ملاقاتون آمريڪي پرڏيهي وزير، مارڪو روبيو، آمريڪي انتظاميه جي سينئر عهديدارن، ڪانگريس ميمبرن، ٿنڪ ٽينڪ تجزيه ڪارن ۽ عالمي ميڊيا جي ادارن سان ٿينديون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو