قومي احتساب بيورو(نيب) اعلان ڪيو آهي ته نيب قانون موجب پلي بارگين جي ڊيفالٽ ٿيل رقم جي وصولي لاءِ بحريه ٽائون جون ملڪيتون 12 جون تي نيلام ڪيون وينديون.. قومي احتساب بيورو موجب نيب قانون جي تحت پلي بارگينگ جي ڊيفالٽ ٿيل رقم جي وصولي لاءِ بحريه ٽائون جي ملڪيتن کي نيلام ڪيو ويندو. پڌرائي موجب قومي احتساب آرڊيننس 1999 سيڪشن 33 اي جي تحت بحريه ٽائون جي ملڪيتن جي نيلامي 12 جون تي ٿيندي. نيلام ڪيل ملڪيتن ۾ بحريه ٽائون ڪارپوريٽ آفيس، بحريه ٽائون فيز ٽو راولپنڊي شامل آهن. پڌرائي موجب نيلامي جي فهرست ۾ روبيش مارڪي، بحريه گارڊن سٽي ڀرسان بحريه گاارڊن سٽي گالف ڪورس، بحريه ٽائون اسلام آباد به نيلامي ۾ شامل آهي. جڏهن ته ارينه سئنيما پلاٽ نمبر 984 بورڊ اي بحريه ٽائون فيز فور راولپنڊي کي به نيلام ڪيو ويندو. پڌرائي موجب سفاري ڪلب پلاٽ نمبر 27، سفاري ولاز ون بحريه ٽائون راولپنڊي به نيلامي ۾ شامل آهن. خريداري ۾ دلچسپي وٺندڙن جي لاءِ نيلامي کان 2 ڏينهن اڳ ريجنل نيب آفيس ڀرسان لال مسجد اسلام آباد ۾ بريفنگ جو اهتمام ڪيو ويو آهي.
