42

ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ 80 ڪروڙ ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي

 ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ 80 ڪروڙ ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي ڊي بي جي پڌرائي موجب پاڪستان ميڪرو اڪنامڪ حالتون بهتر ڪرڻ ۾ ڪافي اڳڀرائي ڪئي آهي، رقم جي منظوري مضبوط مالي پائيداري جي لاءِ ڏني وئي آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اهو پروگرام وڌيڪ پاليسي ۽ اداره جاتي اصلاحات جي لاءِ حڪومت جي ارادن جي حمايت ڪري ٿو اهو پروگرام  عوامي ماليات کي مضبوط ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيندو. پڌرائي موجب پروگرام سان مالياتي خساري ۽ قرضن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي ترقياتي ۽ سماجي خرچن جي لاءِ وڌيڪ مالي گنجائش پيدا ٿيندي. اي ڊي بي وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان کي 1966ع کان هينئر تائين 52 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو تعاون فراهم ڪيو ويو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو