41

ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ وارو معاملو: آءِ جي جيل عهدي تان فارغ، ڊي آءِ جي ۽ سپرنٽينڊنٽ کي معطل ڪيو ويو آهي: شرجيل ميمڻ

 سنڌ جي اطلاعات بابت سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ جيل ملير مان قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ سنڌ حڪومت انسپيڪٽر جنرل(آءِ جي) جيل قاضي نذير احمد کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل(ڊي آءِ جي) جيل حسن سهتو، جيل سپرنٽينڊنٽ ارشد حسين سميت ٻن آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ملير جيل ۾ پيش ايندڙ قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ 2 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ سنڌ حڪومت کي پيش ڪندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فرار ٿي ويل قيدي اڄ رات تائين پاڻمرادو واپس جيل اچي وڃن انهن کي ڪجهه به نه چيو ويندو. ٻئي صورت ۾ گرفتاري کان پوءِ جيل ٽوڙڻ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا. جن مان 7 سالن تائين قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي، ڪيسن ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويندا. هن چيو ته مفرور قيدي وڏي سزائن کان بچڻ جي لاءِ سرنڊر ڪن. ياد رهي ته ملير جيل مان فرار ٿيل قيدي جي والده پنهنجي پٽ کي وٺي واپس ملير جيل پهچي وئي هئي قيدي جي ماءُ اپيل ڪئي آهي ته انهي جي پٽ کي ڪجهه نه چيو وڃي. ڇو ته هو هجوم سان گڏ ڀڄي ويو هو ان جو ڪوبه وڏو ڏوهه ناهي، مان پاڻ انهي کي واپس آندو آهي ته جيئن هو وڌيڪ ڪنهن پريشاني کان بچي سگهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو