48

ملير جيل مان ڪوبه خطرناڪ يا پرڏيهي ڏوهاري فرار نه ٿيو آهي، قيدين کي بيرڪ مان ڪڍڻ غلط هو: مراد علي شاهه

 سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي تي ڳڻتي آهي، زلزلي سبب قيدين کي بيرڪ مان ڪڍڻ غلط هو، ملير جيل مان 216 قيدي فرار ٿيا، ڪجهه کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته قيدين جو مطالبو هو ته بيرڪن مان ٻاهر ڪڍيو وڃي، پر زلزلي سبب قيدين کي بيرڪ مان ٻاهر ڪڍڻ غلط هو ڇو ته معمولي نوعيت جي لوڏن کان نقصان جا امڪان نه هوندا آهن اهي ننڍا  زلزلي جا لوڏا انهي حوالي سان بهتر هوندا آهن ته انهن سان وڏا زلزلي جا لوڏا نه ايندا. هن چيو ته قيدين پوليس کان هٿيار ڦريا، پر ڪوبه خطرناڪ يا پرڏيهي ڏوهاري ملير جيل مان فرار ناهي ٿيو. مفرور قيدي واپس اچي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت ڪارروائي ٿيندي. ڇو ته جيل ٽوڙڻ جي ڪيس ۾ اهي ماڻهو نامزد ٿي ويا ته انهن جي لاءِ وڏي مصيبت بڻجي ويندي. بهتر قدمن کان سواءِ قيدين کي بيرڪ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته خصوصي ٻارن جي فلاح، بهبود جي لاءِ سنڌ حڪومت جو ڀرپور تعاون هوندو. سنڌ جي عوام جي فلاح، بهبود جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون اسان سان گڏ موجود ماڻهو خدمت جي جذبي  سان سرشار آهن. مراد علي شاهه چيو ته 13 جون تي بجيٽ پيش ڪنداسين زرعي شعبي سان جڙيل ماڻهن کي فصلن جون مناسب قيمتون نه ملڻ سبب انهن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي جنهن سبب اسان بجيٽ ۾ انهن جي لاءِ بهتر پاليسيون آڻينداسين. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري وقت سنڌ کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ ۾ سنڌ حڪومت جو ڪوبه نمائندو شامل ناهي، وفاق جا نمائندا آهن، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جو ريگيوليٽر آهي اهو به وفاقي ادارو آهي پر ذميواريون سنڌ حڪومت جون آهن. اسان وفاق کان مطالبو ڪندا رهيا آهيون ته سنڌ سان ناانصافي ڪئي وئي، صوبي جو نمائندو هوندو ته اسان چيڪ اينڊ بيلنس به رکي سگهنداسين. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج کان نه پئي روڪي، پر روڊ بلاڪ نه ڪيا وڃن، پرامن انداز ۾ احتجاج ڪيو وڃي. اسان وفاق کان انهي معاملي تي هن وقت به رابطي ۾ آهيون. ڪوشش آهي ته سنڌ حڪومت جو ڪو ڪردار ملي ته جيئن اسان عوام جي ڏک جو ڪو حل ڪڍي سگهون. هن چيو ته اسان حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪارپوريشن ڪمپني_حيسڪو ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني(سيپڪو) جي(ڪي اليڪٽرڪ) جيان نجڪاري نه ڪنداسين پر انهي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ(پي پي پي) موڊ تي هلائينداسين.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو