44

ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار

 اسلام آباد پوليس گذريل ڏينهن قتل ڪيل ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف جي قتل جي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار ٽڪ ٽڪ ٽاڪر ثناءَ يوسف کي قتل ڪرڻ کان پوءِ فيصل آباد فرار ٿي ويو هو جتان کان کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب جوابدار کي سي سي ٽي وي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو. پوليس ذريعن موجب ثناءَ يوسف جي قتل جي جوابدار جي سڃاڻپ عمر حيات عارف ڪاڪا جي نالي سان ٿي آهي. هو پاڻ به ٽڪ ٽاڪر آهي جڏهن ته جوابدار پاڻ کي مقتول جو دوست ٻڌايو آهي. قتل ٿي ويل 17 سالن جي ٽڪ ٽاڪر پنهنجي سوشل ميڊيا سرگرمين جي لاءِ ڪافي مشهور هئي، ان جا ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي 8 لک فالوورز ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ تي 5 لک فالوورز آهن. ٻئي طرف گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد پوليس کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پوليس جوابدار کي 20 ڪلاڪن جي اندر گرفتار ڪيو جوابدار کان پستول ۽ مقتوله جو موبائل فون به هٿ ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوابدار قتل جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف کي گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ سندس گهر تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو. جنهن کان پوءِ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. جنهن کي پوليس اڄ گرفتار ڪري ورتو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو