44

ڀارت خلاف جنگ پنهنجي مڪمل وسيلن سان وڙهي، ٻاهر کان ڪابه مدد ناهي ورتي: جنرل ساحر شمشاد

 چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو آهي ته ڀارت جي خلاف 96 ڪلاڪن جي جنگ مڪمل طور تي پنهنجي وسيلن سان وڙهي، ٻاهر کان ڪابه حاصل ناهي ڪئي. برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي ڏنل پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيو ته ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران ڪنهن کان ڪابه مدد ناهي حاصل ڪئي وئي. هن چيو ته اسان صرف پاڪستان جي اندروني صلاحيتن تي ڀاڙيو، اسان جيڪي اوزار استعمال ڪيا اهي اهڙا ئي آهن جهڙا انڊيا وٽ آهن، اسان ڪجهه سازو سامان ٻين ملڪن کان خريد ڪيو آهي. هن چيو ته پهريان تڪراري علائقي ۾ چڪريون ٿيون هيون. عالمي سرحد تائين نه پهتيون هيون. هن ڀيري سرحدن تي سڪون رهيو، صرف شهرن ۾ ڇڪتاڻ هئي، مستقبل ۾ تڪرار صرف مخصوص علائقن تائين محدود نه رهندو. پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوبه موثر ۽ منظم طريقيڪار موجود نه آهي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي وڌيڪ چيو ته هنگامي رابطن لاءِ صرف ڊي جي ايم اوز جي هاٽ لائين تي ڀاڙي ٿو. اوهان جو واسطو انتهاپسند ذهنيت سان هجي ته عالمي برادري وٽ مداخلت جي لاءِ محدود وقت هوندو آهي. هن ڀيري آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ڪيو. اها مهلت به هاڻ تمام گهڻو محدود ٿي چڪي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو