گولڙچي ڀرسان افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي پيءُ دير سان گهر اچڻ تي نوجوان پٽ کي ڪاوڙ ۾ اچي لٺيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. گولاڙچي ڀرسان چڪ نمبر 5 ۾ پيءُ نوجوان پٽ کي لٺيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته وارثن اتفاقي واقعو قرار ڏئي مقتول جي لاش کي غسل ڪفن ڏئي جنازي نماز جو به اعلان ڪري ڇڏيو. رات واري واقعي جو صبح 10 وڳي گولاڙچي پوليس کي اطلاع مليو ـ جنھن وقت تي ڪاروائي ڪري سرزمين تي پھچي تدفين ڪرڻ کان اڳ لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء تعلقي اسپتال گولاڙچي پھچايو. شروعاتي مليل ڄاڻ موجب مقتول نوجوان ياسر ڪمبوھ پنھنجي پيءُ جو اڪيلو پٽ ھو جيڪو رات جو دوستن سان گڏ ھئڻ ڪري گھر دير سان پھتو جنھن تي پيءُ ڪاوڙ ۾ اچي ھن کي لٺيون ھنيون جنھن سبب فوت ٿي ويو.
