46

اتر وزيرستان: سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ 14 خوارج دهشتگرد مارجي ويا

 اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن ۾ 14 خوارج دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي ضلعي دته خيل جي علائقي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جيڪو فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فورسز ۽ خوارج جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 14 خوارج مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ خوارج جي ٺڪاڻي کي موثر انداز ۾ نشانو بنايو ويو. علائقي مان وڌيڪ ڀارتي اسپانسرڊ خوارج جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ سان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو