اليڪشن ڪميشن بابت سال 2013-14 جي آڊٽ اعتراضن جي جائزي دوران آڊٽ اختيارين چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن وزيراعظم جي منظوري کان سواءِ ملازمن کي 20 سيڪڙو اليڪشن الائونس ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن جي ملازمن کي غير مجاز طور تي رننگ بيسڪ پي جو 20 سيڪڙو اليڪشن الائونس ڏيڻ بابت آڊٽ اعتراض جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ اختيارين چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ملازمن کي پهرين مارچ 2013 کان رننگ بيسڪ پي جو 20 سيڪڙو اليڪشن الائونس ادا ڪيو، الائونس وزيراعظم طرفان منظور ٿيل نه هو نه ئي فنانس ڊويزن جي ريگوليشنز ونگ طرفان انهي جي توثيق ڪئي وئي. آڊٽ اختيارين موجب معاملو اڃان تائين سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. اليڪشن ڪميشن اختيارين چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ فيصلو اي سي پي جي حمايت ۾ ڏنو. ملازمن کي 20 سيڪڙو الائونس ملي رهيو آهي. ڪوبه اسٽي آرڊر سپريم ڪورٽ جي طرفان نه مليو آهي. اليڪشن ڪميشن اختيارين چيو آهي ته ملازم 20 سيڪڙو الائونس وٺي رهيا آهن. اختيارين موجب هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ وزيراعظم جي سمري موجب ملازم الائونس جا حقدار آهن. 20 سيڪڙو الائونس پگهار جو حصو آهي. آڊٽ اختيارين چيو آهي ته معاملو جائزو وٺندڙ ۽ عمل ڪندڙ ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي هاڻ سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو انهي تي عمل ڪنداسين. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته انهي ۾ ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي نه آهي.
