قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي خط لکي پنهنجي خلاف اماڻيل ريفرنس جا تفصيل گهري ورتا آهن. عمر ايوب خط ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي پنهنجي خلاف داخل ريفرنس ۽ اسپيڪر جي فيصلي جا تفصيل گهري ورتا آهن. هن چيو ته ريفرنس جي قانوني ۽ آئيني بنياد، مصدقه نقل ۽ ڪارروائي جو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي. نااهلي جي ريفرنس تي آئيني نڪتن، آرٽيڪل 62-63 جي تحت ريفرنس جي قانوني نقل فراهم ڪريو. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسپيڪر کان ريفرنس جي مڪمل گڏيل ڪاپي ۽ شاهديون مهيا ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته نوٽيسز ۽ وضاحت جو موقعو فراهم ڪرڻ جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، انهن ٽئين ڌر جي درخواستن جي بنياد تي ريفرنس تي وضاحت به گهري آهي. عمر ايوب چيو ته آرٽيڪل 63(2) جي تحت اسپيڪر جي صوابديدي اختيارن جا تفصيل به ڏنا وڃن. خط ۾ عمر ايوب ريفرنس جي اسپيڪر جي ذهني تسلي ثابت نه ٿيڻ تي اعتراض اٿاريندي چيو آهي ته قانوني عمل، شفافيت ۽ منصفانه ڪارروائي جي لاءِ تفصيل اماڻي ڇڏيو. عمر ايوب پارلياماني وقار ۽ جمهوري اعتماد جي بنياد تي رڪارڊ فوري فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ياد رهي ته بابر نواز عمر ايوب جي خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ريفرنس وڌيڪ ڪارروائي جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيو هو.
