73

ملير جيل مان فرار وڌيڪ 3 قيدي گرفتار انگ 94 ٿي ويو، 122 اڃان تائين فرار

ڪراچي جي علائقي ملير ۾ آيل زلزلي سبب جيل مان فرار ٿيل وڌيڪ 3 قيدين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيل اختيارين موجب گرفتار قيدين جو انگ 94 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 122 قيدي اڃان تائين مفرور آهن جن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جو سلسلو جاري آهي. جيل اختيارين ٻڌايو آهي ته مفرور قيدين جي گرفتاري لاءِ گهرن تي ڇاپا به هنيا پيا وڃن. رضاڪارانه طور تي واپس ايندڙ قيدين سان رعايت ڪئي ويندي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ جو ڪيس شاهه لطيف ٽائون ۾ داخل آهي، پوليس مقابلو، قتل جي ارادي ۽ ڦر سميت دهشتگردي جي خاتمي وارن قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو