پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته فلسطين ۽ ڪشمير ۾ معصوم ٻار اسرائيل ۽ ڀارت جي جارحيت جو شڪار آهن. مريم نواز جارحيت جو شڪار معصوم ٻارن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ دنيا ۾ تشدد، تڪرار ۽ جارحيت جو شڪار ٻارن جي زندگي ۽ نفسياتي مسئلن کي سمجهڻ جو ڏينهن آهي. اهڙو معاشرو گهرجي جتي ٻار خوف ۽ تشدد کان پاڪ پرامن ماحول ۾ اڳيان وڌي سگهن. هن چيو ته غزه ۾ ڏينهن ڏٺي جو هزارين لاش اسرائيلي جارحيت تي عالمي بي وسي جو نوحو پيش ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڪشمير جون هوائون اهڙن ٻارن جي سسڪين سان ڀريل آهن. جنهن کي اڃان تائين خاموش ڪيو ويو آهي. جارحيت جو شڪار ٻارن جو الميو انساني تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته ٻار صرف جنگين ۾ ئي نه پر امن جي حالت ۾ به بدقسمتي سان جارحيت جو شڪار آهن ٻارن جي سلامتي کي يقيني بنائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي. هن ٻڌايو ته پنجاب ڪابينه پهريون ڀيرو چائلڊ پروٽيڪشن پاليسي جي منظوري ڏني آهي. ٻارن جو حال ۽ مستقبل کي سنوارڻ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
