تڪراري پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم جي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قانون واري وزارت، انفارميشن ٽيڪنالوجي، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي کي جواب داخل ڪرائڻ جي لاءِ آخري مهلت ڏني وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انعام امين منهاس پي ايف يو جي، اينڪرز ۽ صحافتي تنظيمن جي درخواستن کي گڏ ڪري ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذارن طرفان عمران شفيق ايڊووڪيٽ ۽ ٻيا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. جسٽس انعام امين منهاس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن جواب داخل نه ڪرايو ويو تڏهن به ٻڌڻي اڳيان وڌائينداسين، منهنجو خيال آهي ته هن ڪيس ۾ ڊگهو وقت گهرجي، انهي کي عيد کان پوءِ رکو. عمران شفيق ايڊووڪيٽ چيو ته وفاق صرف گهرو وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت جي ذريعي جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. قانون واري وزارت، انصاف ۽ پارلياماني معاملا، پي ٽي اي طرفان جواب ئي جمع ناهي ڪرايو ويو. وفاق هڪ انوکو جواب داخل ڪرائيندي هن عدالت جي اختيار تي ئي سوال اٿاري ڇڏيو آهي. وڪيل دليلن ۾ ٻڌايو ته وفاق چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم کان پوءِ صرف هاءِ ڪورٽ جو آئيني بينچ اهو ڪيس ٻڌي سگهي ٿو جيستائين هاءِ ڪورٽ جو آئيني بينچ نٿو بڻجي تيستائين هي عدالت ئي ڪيس ٻڌي سگهي ٿي، اهو اعتراض ڪنهن به صورت ۾ نٿو بڻجي صرف انهي لاءِ اعتراض اٿاريو ويو ته جيئن معاملي کي ڊيگهه ڏئي سگهجي. ٻيو اعتراض هڪ قرآني آيت جو سهارو وٺندي اٿاريو ويو آهي ته ڳالهه پکيڙڻ کان اڳ انهي جي تحقيق ڪري وٺو، ماڻهن تي ايف آءِ آرز داخل ٿي رهيون آهن عدالت هن ڪيس کي جلد کان جلد ٻڌي. جسٽس انعام امين منهاس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪابه خبر نه پئي هلي؟ ڪير به خبر ڏيڻ يا پبلش ڪرڻ کان روڪي رهيو آهي. ايڊووڪيٽ رياست علي آزاد چيو ته اوهان اهو اسٽي آرڊر ڏئي ڇڏيو ته صحافي جي خبر ڏيڻ سبب ڪابه ايف آءِ آر يا گرفتاري نه ٿيندي. ڌريون جواب جمع نه پيون ڪرائين، اهو عدالت ۽ ڌرين جي وچ وارو معاملو آهي. عدالت انهن تي پنج لک روپيه ڏنڊ لڳائي جواب جمع ڪرڻ جو موقعو ڏئي. صحافي مظهر عباس چيو ته ميڊيا انڊسٽري ۾ هڪ حراسمينٽ جي فضا پيدا ڪئي وئي آهي، ايف آءِ طرفان صحافين کي طلب ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي. وڪيل چيو ته ڌريون جيڪو به اعتراض اٿارين اهو اٿاري سگهن ٿيون، اسان چاهيون ٿا ته اسان جي پٽيشن کي ٻڌي وٺو ۽ انهي جو جواب به وٺي ڇڏيو، اينڪرپرسن چيو ته پاڪ ڀارت جنگ ۾ فوج ميزائل هنيا ۽ اسان سوشل ميڊيا تي جنگ وڙهي آهي. جسٽس انعام امين منهاس پڇاڻو ڪيو ته اوهان اهو ٻڌايو ته ڇا اوهان ڪا به خبر نه پيا ڏئي سگهو؟ وڪيل ٻڌايو ته ڌرين کي جواب داخل ڪرائڻ ۽ ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ جواب جي ڪاپي اڳواٽ پٽيشنرز کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي وڃي. عدالت ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ جي آخري مهلت ڏيندي ٻڌڻي جولاءِ جي ٻئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
