وزيراعظم شهباز شريف چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري تي مشاورت جي لاءِ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب کي ملاقات جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب کي خط ۾ چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جو مدو 26 جنوري تي ختم ٿي چڪو آهي. آرٽيڪل 218 جي تحت چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي لاءِ تجويزون پارلياماني ڪميٽي ڏانهن اماڻيون ويون آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري لاءِ اوهان کي ملاقات جي دعوت ڏيان ٿو. اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري تي مشاورت جي لاءِ 16 مئي تي خط اماڻيو آهي. تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري تي مشاورت جي لاءِ تيار آهي.
