44

ايم ڪيو ايم وزيراعظم کان ترقياتي پيڪيج ۾ ڪراچي لاءِ 25 ارب روپيه رکڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 ايم ڪيو ايم پاڪستان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي صورتحال ۽ نئين سال جي بجيٽ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايم ڪيو ايم جي ترجمان موجب ايم ڪيو ايم ترقياتي پيڪيج ۾ ڪراچي جي لاءِ 25 ۽ حيدرآباد جي لاءِ 10 ارب روپيه رکڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب ايم ڪيو ايم جي وفد وزيراعظم کان ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ سکر جي لاءِ به خصوصي ترقياتي پيڪيج جي اعلان جو به  مطالبو ڪيو. ترجمان چيو ته ايم ڪيو ايم ڪي فور ۽ گرين لائن جي لاءِ به فنڊز بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. انهي کان علاوه ايم ڪيو ايم پگهاردار طبقي تي ٽيڪس بار  گهٽ ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ۽ چيو ته گهٽ ۾ گهٽ سالياني انڪم ٽيڪس جي سليب کي 6 لک کان 15 لک ڪيو وڃي. ترجمان موجب وزيراعظم سموريون تجويزون ۽ مطالبن تي امڪاني حد تائين  عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو