36

بلوچستان ۾ ڪنهن وڏي فوجي آپريشن جي ضرورت نه آهي: سرفراز بگٽي

 بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪنهن وڏي ملٽري آپريشن جي ضرورت نه آهي، اسان فتنه الهندستان جي هر حملي کي ناڪام بنائينداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته ڀارت شڪست کان پوءِ هاڻ پراڪسيز جو سهارو وٺي رهيو آهي، دشمن اسان جي خلاف پراڪسي وار ڪري رهيو آهي، دشمن پاڪستان جي اڀرندڙ معيشت کي تباهه ڪرڻ جو خواب ڏسندو رهيو هو، ڀارت جي شيطاني راند بي نقاب ٿي وئي آهي، رياست وٽ فتنته الهندوستان خلاف تمام گهڻا مضبوط ثبوت آهن. هن چيو ته فتنته الهندستان جي ذريعي خضدار ۾ ٻارن کي شهيد ڪرايو ويو. ڀارتي ڳجهي ايجنسي(را) فتنته الهندستان جي سرپرستي ڪري رهي آهي، فتنته الهندستان جي دهشتگردن کي ٻارن سان نه جوڙيو وڃي. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته ڀارت جي شيطاني راند بي نقاب ٿي وئي، فتنته الهندستان کي ڀارتي(را) جي مڪمل پٺڀرائي حاصل آهي. را بينڊلرز فتنه الهندستان کي ڳجهي ڄاڻ ڏئي رهيا آهن، بلوچستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي پهرين ڏينهن کان را فنڊنگ ڪري رهيو آهي. سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ ڪنهن وڏي ملٽري آپريشن جي ضرورت ناهي، فتنه الهندستان جي هر حملي کي ناڪام بنائينداسين. ڀارتي ميڊيا ڪراچي پورٽ جي حوالي سان ڪوڙيون خبرون هلايون ته ڪراچي پورٽ تباهه ٿي ويو، فتنه الهندستان پاڪستان جو امن داءُ تي لڳائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، ڀارت کي جنگ ۾ شڪست ملي، پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو.   هن چيو ته سياسي پارٽين سان ته ڳالهيون ٿينديون آهن، پر گم ٿي ويل ماڻهن جي معاملي کي رياست جي خلاف پروپيگنڊا جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي، اهڙي ماحول ۾ ڪنهن مسئلي تي سياسي پارٽين جو گڏ ٿيڻ ناممڪن آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو