حيدرآباد سينٽرل جيل غريب آباد چوڪ تي ٻن پاڻي جي ٽينڪرن ۾ ريس لڳائيندي حادثو پيش آيو آھي حيدرآباد ۾ تيز رفتاري ۽ هڪ ٻئي کان اڳ نڪرڻ جي چڪر ۾ ٻن واٽر ٽينڪرن وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ٽينڪر ڪيترين ئي گاڏين سان ٽڪرائجي ويا. حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٽڪر جي نتيجي ۾ بولان گاڏي، ڪيري ڊٻو، سوزوڪي، ڪار ۽ لوڊر رڪشو پڻ حادثي جو شڪار ٿيا، بولان گاڏيءَ ۾ سوار ٽي ڄڻا زخمي ٿيا، سمورن زخمين کي ريسڪيو ٽيم سول اسپتال منتقل ڪيو،زخمين ۾ هڪ عورت ڊاڪٽر پڻ شامل آهي، جيڪا مهراڻ ڪار ۾ سوار هئي، ليڊي ڊاڪٽر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. حادثي جي ڪجهه دير کان پوءِ زخمين مان هڪ شخص زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي جي سڃاڻپ جامشورو واسي سمير علي طور ٿي، زخمين ۾ اسحاق، عمران، اڪرم، شاهنواز، ذاڪر، ڪار ڊرائيور ڪرشن ۽ ليڊي ڊاڪٽر سحرش ميمڻ شامل آهن.
