گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ غزه ۾ فوري، غير مشروط ۽ مستقل جنگبندي ۽ انساني امداد جي بنا رنڊڪ فراهمي جي مطالبي تي ٻڌل قرارداد کي آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو. قرارداد جي حق ۾ 15 رڪني ڪونسل جي 14 ميمبرن ووٽ ڏنو، پر آمريڪا جي ويٽو ڪرڻ سان انهي کي منظور ٿيڻ کان روڪيو ويو. اها قرارداد 10 ملڪن طرفان پيش ڪئي وئي هئي جنهن ۾ اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جاري جنگ جي فوري خاتمي ۽ انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. ووٽنگ کان اڳ گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي وقتي سفير ڊوروتهي شيا ڪونسل کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا ڪنهن اهڙي قرارداد جي حمايت نٿو ڪري سگهي جيڪو حماس جي مذمت نه ڪري ۽ انهي کي هٿياربند ٿي غزه مان لڏپلاڻ جو مطالبو نه ڪري. اها قرارداد زميني حقيقتن کي نظر انداز ڪندي سفارتي ڪوششن کي نقصان پهچائيندي ۽ حماس جي حوصله افزائي ڪندي. نائب سفير ڊوروٿي شيا ووٽنگ کان پوءِ پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسرائيل جي سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ ڪنهن به شيءَ کي قبول نٿو ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته حماس کي شڪست ڏيڻ ۽ اهو يقيني بنائڻ ته اهو ٻيهر خطرو نه بڻجي، اسرائيل جو حق آهي، آمريڪي مخالفت تي ڪنهن کي حيرت نه ٿيڻ گهرجي. اسرائيل طرفان به مستقل ۽ غير مشروط جنگبندي جي مخالفت ڪئي پئي وڃي. اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته جيستائين حماس غزه ۾ موجود آهي، جنگبندي ممڪن نه آهي. اسرائيل مارچ ۾ ٻن مهينن جي جنگبندي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر عسڪري ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن جن جو مقصد حماس جي قبضي هيٺ مغوين کي بازياب ڪرائڻ به آهي. غزه ۾ انساني بحران شديد تر ٿيندو پيو وڃي. اربع جي ڏينهن اسرائيلي فضائي حملن ۾ فلسطيني اختيارين موجب 45 فلسطيني شهيد ٿيا جڏهن ته اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته جنگ ۾ اسان جو هڪ فوجي به مارجي ويو آهي. 19 مئي تي 11 هفتن جي پابندي جي خاتمي کان پوءِ کان امدادي سامان جي محدود فراهمي جاري آهي پر 20 لک کان وڌيڪ آبادي واري محدود علائقي ۾ ڏڪار جا خدشا برقرار آهن. آمريڪي حمايت يافته غزه بيومينٽيرين فائونڊيشن(جي ايڇ ايف) اربع جي ڏينهن ڪوبه امدادي سامان نه ورهايو. فائونڊيشن اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته امدادي مرڪز جي چوڌاري شهرين جي حفاطت جي لاءِ قدم بهتر بنايا وڃن.
