سڪرنڊ ڀرسان سنڌو درياهه۾ چاڙهه آبپاشي کاتي وارن جي عيد ھاڻ ڪروڙين رپين جا فنڊ مان ٽڪي جو ڪم ڪندا ھڪ لانڊي تي ھڪ کان ٻ ماڻهون رکنداوري بل ۾ ڏھ ڏسيندا پٿر جون سؤ ٽرڪون لھنديون لکندا ھزارائين ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي ويندي ڪيرچوڻ وارو ڪونھي سنڌو درياه جي بچاءَ بندن جا پاسا ڪمزور ٿي چڪا آهن امڪاني ٻوڏ يا برساتن جي پاڻيءَ سان نقصان جو ڪافي انديشو آهي جنهن سان سڪرنڊ ۽ نواب شاھ کي ٻوڏ جو خطرو رهندو جڏھن ته ايريگيشن جا عملدار۽ ٺيڪيدار ملي ڀڳت ڪري پراڻوپٿر2010وارو مڏ منگلي تا کڻي رھيا آھين ڳوٺاڻن شوشل ورڪر دلدار چانڊيو جاويد علي شاهه عزيز چانڊيو استاد عبدالقادر انڙ ڪامران انڙ ٻين داھيدي چيو ته سنڌو درياءَ۾پاڻي اچي ويو آهي جڏھن ته ايريگيشن کاتي جا عملدار گم آھين جڏهن ڪونقصان ٿيندو ياپاڻي وڌي ويندو ته پوءِ اچي رڳو ڪوڙا بل ٺاهي پنهنجو پيٽ ڀريندا پاڻي جو پريشر نہ سھندڙ بند آبپاشي عملدارن جي سستي سبب ناڪارا بڻيل آهن ان سلسلي ۾ علائقي سڪرنڊ ڀرسان سنڌو درياءَ منگلي پوائٽ لڳ ڳوٺ فرمان خان چانڊيو وٽان درياه جو پاڻي زميني ڀيڙو ڪيرائي بند پائڻ لڳو آهي ايندڙ ٻوڏ ۾ ڪنهن وڏي نقصان کان بچاءَ لاءِ آبپاشي چيف اَنجنير ۽ ايم اين اي سيد مير غلام مصطفى شاھ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو صاحب جن کي نوٽس وٺڻ گهرجي جن جاين تان بند جي پوزيشن ڪمزور آهي اُتا بندن کي جلد کان جلد مضبوط ڪيو وڃي جيئن وڏي نقصان کان بچي سگهون
