56

علي امين گنڊاپور تي رشوت وٺڻ جو الزام: اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي لاءِ درخواست داخل

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي وئي. لاهور بار ايسوسيئيشن کي 5 ڪروڙ روپيه فنڊ ڏيڻ جي معاملي تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. علي امين گنڊاپور جي خلاف درخواست ارسلان آفريدي ايڊووڪيٽ اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪئي آهي.  امين گنڊاپور جي خلاف درخواست ارسلان آفريدي ايڊووڪيٽ اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وڏي وزير لاهور بار ايسوسيئيشن کي 5 ڪروڙ روپيه جو فنڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ صوبائي ڪابينه فنڊ ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. درخواست موجب ٻئي صوبي جي بار ايسوسيئيشن کي فنڊ ڏيڻ رشوت جي زمري ۾ اچي ٿو. وڏي وزير صوبي جي امانت ۾ خيانت ڪئي آهي. صوبي جي فنڊ کي ٻئي صوبي ۾ استعمال ايمرجنسي يا ڪنهن آفت جي صورت ۾ ڪري سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته صوبي کي اڳ ئي معاشي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مٿان کان صوبي جي ناڻي جي فنڊ ٻاهر استعمال ٿي رهيا آهن. وڏي وزير صوبي جي اعتماد کي نقصان پهچائي ٿي ۽ پنهنجي مينڊيت ۽ حدف جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. درخواست موجب فنڊ جي استعمال بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي، آئين ۽ اين ايف سي ايوارڊ موجود آهي. ان ڪري وڏي وزير کي نااهل قرار ڏنو وڃي ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. وڏي وزير کي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان ڊي نوٽيفاءِ ڪيو وڃي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو