موسميات کاتي ملڪ ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب 7 جون کان 12 جون تائين ملڪ ۾ گرمي جي شدت وڌيڪ رهندي. 7 جون تي هوا جو وڌيڪ دٻاءُ ملڪ تي اثر انداز ٿيندو. مٿانهين پنجاب، اسلام آٻاد، خيبرپختونخواهه ۾ گرمي پد 5 کان 7 ڊگري وڌي رهندو. موسميات کاتي موجب پنجاب، سنڌ بلوچستان ۾ گرمي پد 4 کان 6 سيڪڙو وڌيڪ رهندو.
